سون Gold

سون Gold

سون Gold

سون Gold

سون Gold

سون (Gold): سون هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جنهن جي علامت (symbol) ‘Au’ آهي ۽ ان جو ائٽمي نمبر 79 آهي. سون جو لاطيني نالو Aurum آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چمڪندڙ پرهه‘ (Shining Dawn). هي گهاٽو، نرم ۽ مڙندڙ ڌاتو آهي، جيڪو چمڪندڙ پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. ڪيميائي طور سون هڪ تبديل ٿيندڙ ڌاتو آهي ۽ يارهين گروپ جو عنصر آهي.
سون، درياهن جي واريءَ مان، سمنڊ مان، جبلن مان ۽ زمين جي تهن اندران ملندو آهي، جيڪو زمين جي اندر ٽامي ۽ شيهي سان مليل هوندو آهي. سڄي دنيا ۾ سون جي جملي پيداوار اٽڪل 50 ڪروڙ ٽراءِ آئونس آهي، جنهن جو 85%، ڏکڻ آمريڪا مان لڀي ٿو. چانديءَ يا ٻئي ڪنهن ڌاتوءَ تي سون جو پاڻي چاڙهبو آهي ته اهو ڌاتو بلڪل سون وانگر چمڪڻ لڳندو آهي، پر ان جي رنگ ۾ تبديلي اچي ويندي آهي، جڏهن ته نج يا خالص سون جو رنگ چمڪندڙ پيلو هوندو آهي. سون جو رجڻ پد (Thermal Expansion) 23°C ڊگري سينٽي گريڊ آهي. سون جي خالص صورت تيزابي، خالص سون کي 24 قيراط (Carat) جو سون چيو ويندو آهي. سون جي پرک/ سڃاڻپ جو بنيادي نالو قيراط آهي. 24 قيراط جو خالص سون شوري جي تيزاب ۾ حل نه ٿيندو آهي، تنهنڪري ان سون کي تيزابي سون چيو وڃي ٿو, پر ٽن حصن شوري جي تيزاب ۽ هڪ حصي لوڻ جي تيزاب ۾ خالص سون حل ٿي ويندو آهي, اهو سون هوندو آهي، جنهن مان زيور به ٺاهي سگهبا آهن. جيڪڏهن سون ۾ چاندي، ٽامو يا ٻي ڌات ملائبي ته ملاوٽ جي مقدار جي مطابق ان کي 22 قيراط، 21 قيراط، 16 قيراط، 14 قيراط يا 12 قيراط وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. 12 قيراط جي سون ۾ 50% (پنجاهه سيڪڙو) ملاوٽ هوندي آهي. زيور عام طور 22 قيراط جا ٺاهيا ويندا آهن. يعني زيور جو خالص سون 22 قيراط تصور ڪيو ويندو آهي. دنيا ۾ سڀ کان پهرين 1527ع ڌاري 22 قيراط جا سونا سڪا ٺاهيا ويا. 1487ع کان اڳ 18 قيراط جا سونا سڪا به جاري ڪيا ويا هئا، تنهنڪري 27 قيراط جو سون، جنهن مان اشرفيون ٺاهيون وينديون آهن. اهو گهڻوڪري زيورن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. قديم دؤر ۾ يونان، مصر، روم ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو سون جو استعمال ڪندا هئا. سون هڪ بين الاقوامي سڪو سمجهيو ويندو آهي. سون کي ٻن طريقن سان جاچيو ۽ پرکيو وڃي ٿو. پهريون طريقو اهو آهي، جنهن ۾ ’ڪسوٽي‘ استعمال ڪئي ويندي آهي، ’ڪسوٽي‘ هڪ ڪاري رنگ جي پٿر سان ڪبي آهي، جنهن تي ڪو به تيزاب اثر نه ڪندو آهي. ان پٿر تي خالص سون ۽ زير تحقيق سون جي ليڪ ٺاهي ويندي آهي ۽ ٻنهي ليڪن جي ڀيٽ ڪبي آهي، جيڪڏهن ٻئي ليڪون هڪ جهڙيون هونديون ته خالص سون چئبو، پر جي نه هونديون ته سون ۾ ٽامو مليل آهي، يا وري اڇاڻ مائل هجي ته چاندي مليل آهي. ٻيو طريقو هي آهي ته زيرِ تحقيق سون جي وزن جي برابر چاندي کڻي ٻنهي کي ڳاري پاڻ ۾ ملائي ۽ پوءِ ان مرڪب کي ٿڌو ڪري شوري جي تيزاب ۾ وجهبو. سون ۾ موجود چاندي ۽ ٻيون ملاوتون ان تيزاب ۾ حل ٿي وينديون ۽ خالص سون تري ۾ ويهي رهندو. سون مان ڪيترائي طبي فائدا به آهن. يوناني طب ۾ سون جا ورق، جسماني توانائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف دوائن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. انگريزي دوائن ۾ ناسور، ڦٽن، ڦرڙين ۽ ٻين ڪيترين چمڙي جي بيمارين لاءِ سون جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سون ڏندسازيءَ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. 14 قيراط جو سون ڪن خاص فائونٽين پينن جي نبن ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي. خلائي سفر لاءِ خلائي گاڏين جي مختلف پرزن ۾ پڻ سون جو استعمال ٿيندو آهي ته جيئن انهن تي موسم جو اثر نه ٿي سگهي. زيبائشي شين ۾ پڻ سون جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سون بجليءَ جو سٺو پسرائيندڙ (Conductor) آهي، ان ڪري برقي صنعت ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي.
سون سمورن ڌاتن ۾ ملائم ٿئي ٿو، اُن جو هڪ گرام هڪ چورس ميٽر جي شيٽ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو يا سون جو هڪ آئونس 300 چورس فوٽن ۾ انگهي سگهي ٿو.
آڳاٽي دور ۾ سون، سنڌ جي کاڻين مان به ملندو هو، جنهن لاءِ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته عيسوي سن کان 510 ورهيه اڳ ايراني بادشاهه دارا جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته کيس هتان 260 مڻ سون هر سال ڏن طور ملندو هو.
دنيا ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جو ذريعو سون آهي. سون سان ئي ناڻي جي مٽاسٽا ٿيندي آهي.
پاڪستان جي کاڻين مان ڪيتريون ئي معدنيات- ڪوئلو، ٽامو، ڪرومائيٽ، معدني لوڻ، سون وغيره ملن ٿيون. پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جو ڪم کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي دريافت آهي. پاڪستان ۾ بلوچستان ۽ سنڌ، معدنيات جي حوالي سان شاهوڪار صوبا آهن. بلوچستان جي ضلعي چاغيءَ جي ريگستاني علائقي ۾ ريڪوڊق نالي هڪ ڳوٺ ۾ ٽامي ۽ سون جا وڏا ذخيرا آهن. اينٽوفيگسٽا (Antofagasta) نالي ڪمپني، ريڪوڊق فيلڊ (Reko Diq field) مان هر سال شروعاتي طور هڪ لک ستر هزار ميٽرڪ ٽن ٽامو ۽ ٽي لک آئونس سون ڪڍي ٿي ۽ ڪمپنيءَ جو اندازو آهي ته اُتان ساليانو نو لک آئونس سون ملي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌو درياهه جي واريءَ توڙي ٿر جي واريءَ ۾ سون ملڻ جا ڪافي امڪانات آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو